سيد امداد شاهه ڊڍرائي

سيد امداد شاهه ڊڍرائي

سيد امداد شاهه ڊڍرائي

سيد امداد شاهه ڊڍرائي: سنڌي ۽ مارواڙي گيتن ۾ ڪئسٽ جي دنيا ۾ پاڻ مڃائيندڙ ۽ ڪٻڊيءَ (ڪوڏي ڪوڏيءَ) جي بهترين رانديگر، سيد امداد علي شاهه، 3 جولاءِ 1968ع تي سيد قربان علي شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ڳوٺ دين پور شريف، تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ ۾ آهي. هن مئٽرڪ تائين کپري مان تعليم حاصل ڪئي، بعد ۾ پرائمري ماستر مقرر ٿيو. کيس ننڍپڻ کان مختلف راڳين جا ڳايل ڪلام ٻُڌڻ سبب شاعريءَ جو شوق ٿيو. 1984ع ڌاري شاعريءَ جو آغاز ڪيائين. سنڌي ۽ مارواڙيءَ ۾ 500 کان مٿي ڪلام لکي چڪو آهي. سندس پهريون ڪلام ارباب سولنگيءَ 1990ع ۾ ڳايو، جنهن کي بعد ۾ ثمينه ڪنول به ڳايو ۽ مقبول ٿيو. ان کانپوءِ سندن مارواڙي ڪلام ’جوڳيڙا مانجو هٿ جوئي سچي تون سڻا‘ فوزيه سومرو ڳايو ۽ ’لکي جاني مانجي رو نام سونارا ڇيڪو گهڙي ڏي مندرڙو‘ شمن علي ميراليءَ ڳايو. سندس ڪلام سنڌ جي ڪيترن ناليوارن راڳين ڳاتا آهن. هي شاعر هئڻ سان گڏ سنڌ جي ثقافتي راندين ۾ تمام گهڻي دلچسپي رکي ٿو. کيس ڪٻڊيءَ ۾ سنڌ جي بهترين رانديگر هئڻ جو اعزاز حاصل آهي. سڄيءَ سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪٻڊيءَ جي ٽورنامينٽن ۾ سوڀ ماڻيندو رهيو آهي. هن تعلقي کپري ۾ ڪيترا ڀيرا ثقافتي راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪٻڊيءَ ۽ ملهه جا ملاکڙا ڪرايا آهن، ڪٻڊيءَ ۾ پهلوانيءَ جا بهتر جوهر ڏيکارڻ سبب ڪيترائي انعام حاصل ڪيا اٿس. شاگرديءَ واري دور کان اسٽيج پروگرامن ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو آهي. پاڻ پرائمري استاد آهي ۽ پنهنجي ابائي ڳوٺ دين پور شريف، تعلقي کپري ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.07.03  عيسوي

سيد امداد علي شاهه، 3 جولاءِ 1968ع تي سيد قربان علي شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابراهيم آڌيلو
آخوند حافظ ولي محمد
پنوشي
حمر شيخ
توتان
آصف هالائي
ڄام اوڍو
جمعو مُلون
پير هدايت الله ٺُلاهي
ڄام بايزيد سمو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون